دين محمد اديب فيروزشاهي

دين محمد ’اديب‘ فيروزشاهي: ’خلافت تحريڪ‘ جي نامور اڳواڻ، اديب ۽ عالم مولانا دين محمد ’اديب‘ جو جنم، 21 مارچ 1897ع تي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فيروز شاهه ۾ ٿيو. سندس اصل نالو منظور حسين هو. مولانا دين محمد ’اديب‘ جو نسبي سلسلو مخدوم بهاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جي خليفي مخدوم عبدالله عرف پيروج، اُچ شريف واري سان ملي ٿو، جيڪو ڳوٺ بخش لاکير لڳ پنجو سلطان'>شاهه پنجو سلطان، تعلقي ميهڙ ۾ مدفون آهي. مولانا دين محمد ’اديب‘ پيروج جي اولاد مان هو. سندس شروعاتي تعليم عطاءُ الله فيروز شاهيءَ جي مدرسي ۾ ٿي، پر جلد علامه صاحب وفات ڪري ويو، ان ڪري سندن ئي مدرسي ۾ هڪ ٻئي جيَد عالم مولانا عبدالرحمان وٽ ’تحفهء نصائح‘ تائين پڙهيو. ان کان پوءِ مولانا الاهي بخش ٻانهي لاکير واري وٽ مدرسي ۾ داخل ٿيو. هن مولانا وٽ 15 مهينن ۾ گلستان، بوستان، زليخا، انوار سهيلي، انشاءَ ابو الفضل ۽ بهار دانش تائين فارسي پڙهي. کيس فارسيءَ تي ايتري دسترس حاصل ٿي وئي، جو هُو فارسيءَ ۾ شعر چوڻ لڳو. مولانا فتح محمد سيوهاڻي سندس شاعريءَ کي پنهنجي اخبار ۾ خاص جاءِ ڏيندو هو. مولانا دين محمد ’اديب‘ جي شاعري الوحيد، توحيد ۽ اديب وغيره رسالن ۾ شايع ٿيندي رهندي هئي. ان کان پوءِ درس نظامي پڙهي، پنجن سالن اندر دستاربند ٿيو. اُن بعد هو مختلف مدرسن ۽ اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو. ڪافي وقت مولانا محمود پاٽائي صديقيءَ جي پاٽ واري مدرسي ۾ پڙهايائين. مولانا جي علمي حيثيت ۽ صلاحيتن کي ڏسي مرحوم نور محمد وڪيل کيس نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پهرين هاسٽل جو امام ۽ پوءِ عربي ۽ دينيات جو استاد مقرر ڪيو. اتان ئي رٽائر ڪيائين.
ان دوران هن سياسي زندگيءَ جو آغاز ’خلافت تحريڪ‘ ۾ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ڪيو. مختلف جاين تي خلافت ڪانفرنسون ڪوٺايائين، ميهڙ واري خلافت ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ ۾ به سندس وڏو هٿ هو.
مـولانـا ديـن مـحـمـد ’اديـب‘ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ کانپوءِ، سر غلام حسين هدايت الله جي ’پوليٽيڪل پارٽيءَ‘ ۾ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان شريڪ ٿي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان پوءِ ’جمعيت العلماء سنڌ‘ ۾ شامل ٿيو. قاري محمد طيب ديوبنديءَ جي صدارت هيٺ 1944ع ۾ حيدرآباد جي تاريخي قلعي واري جلسي ۾ شريڪ ٿيو ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪيائين.
مولانا دين محمد ’اديب‘ کي شروع کان ئي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر شاعريءَ جو شوق هو. سندس شاعري سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ موجود آهي. هو شاعريءَ ۾ ’اديب‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ’بهشتي ڪوثر‘ ، (2) ’جزاءُ الاعمال‘ (مولانا ٿانويءَ جي رسالي جو ترجمو)، (3) ’علاج القحط و الوبا‘(مولانا ٿانويءَ جي رسالي جو ترجمو)، (4) ’زاد السعيد في الصلٰوة علي النبي الوحيد‘ (فضائل درود)، (5) ’نورً علي نور‘: تـرجـمـو خـاتـم الانبـيـا‘ (مولانا محمد شفيع جي سورت نبويءَ جو ترجمو)، (6) ’علم الاخلاق عرف اسلامي اخلاق‘ (امام غزاليءَ جي اربعين جو ترجمو)، (7) ’چهره ڪشاده مثنوي، ترجمه رونمائي مثنوي‘ ((مولانا روم جي مثنويءَ جي 40 ديباچي بيتن جو ترجمو)، (8) ’اختتام مثنوي‘، (9) ’حيات المسلمين‘، (10) ’منع الانام عن وضع الايدي علي الاقدام‘ (فارسي)، (11) ’مجموعة الاشعار‘
(فارسي)، (12) ’بهـشـت جـي ڪنجـي‘ (نماز بابت)، (13) ’معلم الاسلام‘، (14) ’چاليهن دعـائن جـو ترجـمـو‘، (15) ’ڪليات اديب‘، (16) ’صبح ۽ شام جون دعائون‘، (17) ’خلفاءِ راشدين‘، (18) ’ڪشف المحجوب‘ (مڪمل ترجمو)، (19) ’اخلاق النبي‘ ۽ (20) ’اشرف العلوم‘ قابلِ ذڪر آهن. ’اشرف العلوم‘ مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي ڇهن دفترن جو سنڌي منظوم ترجمو آهي.
مولانا صاحب 27 فيبروري 1963ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.03.21  عيسوي

خلافت تحريڪ‘ جي نامور اڳواڻ، اديب ۽ عالم مولانا دين محمد ’اديب‘ جو جنم، 21 مارچ 1897ع تي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فيروز شاهه ۾ ٿيو.


1963.02.27  عيسوي

مولانا صاحب 27 فيبروري 1963ع تي وفات ڪري ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جھمٽ مل نارومل وسناڻي
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر
سيد محمد شاهه مست
پوراني جلال الدين بايزيد
حافظ محمد صديق رح
آخوند قاضي ميان اسماعيل
شهمير شاهه مٽياروي سيد
علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني
حسين سنڌي سيوستاني
محمد عظيم شيدا مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون